جمي ويلز

وڪيپيڊيا جو شريڪ-باني

جمي ڊونل ويلز: جمي ويلز:Jimmy Wales:جمبو: 7 آگسٽ 1966 ۾ پيدا ٿيو. [2] آمريڪا سان تعلق رکندڙ ھي شخصيت انٽرنيٽ جو سرمائيدار آھي [3] ھي مفت انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جي بانين مان ھڪ آھي جيڪا ھن جي شھرت جو سبب آھي. ھي الاباما رياست جي شھر ھنٽسول (Huntsville) ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم اتان جي رينڊولف اسڪول مان حاصل ڪيائين [4] اسڪول کان پوءِ ھن ٻن يونيورسٽين مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ فنانس جي شعبي ۾ نوڪري حاصل ڪيائين. ھي شڪاگو جي ھڪ فرم ۾ ريسرچ ڊائريڪٽر پڻ رھيو. 1996 ۾ ھن ٻن ڀائيوارن سان گڏجي بالغن لاء ويب پورٽل بومس(Bomis) جو بنياد وڌو جنھن ۾ وندر ۽ اگھاڙا ڦوٽو ڏنل ھيا.2000 ۾ ان ڪمپني جي چندي سان ھڪ مفت انسائيڪلوپيڊيا شروع ڪئي جنھن جو نالو نيوپيڊيا ھيو جيڪا اڳتي ھلي 15 جنوري 2001 ۾ وڪيپيڊيا جي نالي سان مشھور ٿي. وڪيپيڊيا ھن جي ۽ لئري سئنگر ۽ ٻين جي ڪوششن سان جاري ٿي.

جمي ويلز
Jimmy Wales

ويلز 2016 واري وڪيمينيا ڪانفرنس۾
پيدائش جمي ڊونل ويلز
آگسٽ 1966 (عمر 58 سال)
ھنٽسول-الاباما، يو ايس اي .
رھائش لنڊن، انگلينڊ، برطانيا
ٻيا نالا جمبو (آن لائين مونيڪر)
تعليم
  • ابرن (Auburn) يونيورسٽي (بيچلر آف سائنس)
  • يونيورسٽي آف الاباما، ٽسڪالوسا(ماسٽر آف سائنس)
  • انڊيانا يونيورسٽي، بلومنگٽن
پيشو انٽرنيٽ سرمائيدار
اڳوڻو واپاري
آمدني US$1 million
لقب
  • وڪيا انڪارپوريشن جو صدر ، 2004 کان وٺي
  • وڪيميڊيا فائونڊيشن جو چيئرمين، 2003 کان وٺي2006 تائين
جانشين فلورنس ڊيووئرڊ (وڪيپيڊيا فائونڊيشن جي چيئر جو)
بورڊ ميمبر
جيون ساٿي
  • پاميلا گرين (1986–1993)
  • ڪرسٽين روھن(1997–2011)
  • ڪيٽ گاروي (2012– ھاڻي تائين)
ٻار ٻچا 3 ڌيئرون
اعزاز ھيٺين ويبسائٽ ڏسو
ويب سائيٽ
ذاتي ويبسائيٽ